07/01/2026
Inj.Excefur(ceftiofur HCl)
انجيڪشن ايڪسيفر(سيفيوفر ايڇ سي ايل)
جيڪڏهن اوھان جو ڪو جانور بيمار آھي ۽ مختلف دوائن استعمال ڪرڻ کانپوءِ بہ صحيح نہ پيو ٿي تہ اوھان ھي انجيڪشن ضرور استعمال ڪيو...
ايڪسيفر جانورن جي دوائن ۾ تمام وسيع اثر رکندڙ (موسٽ پاورفل) اينٽي بائيوٽڪ انجيڪشن آھي جيڪا ٽرڊ جنريشن سيفالواسپورن اينٽي بائيوٽڪ دوائن جي گروپ سان واسطو رکي ٿي.
ھي انجيڪشن مختلف بيمارين ۾ استعمال ٿئي ٿي جيئن ساھ جي بيمارين ۾، ھاضمي جي بيمارين ۾، پيشاب جي نالين جي بيمارين ۾، ٻچيداني جي بيمارين ۾، اوھ جي بيمارين ۾، چمڙي جي بيمارين ۾، گھوگھي جي بيماري کان علاوھ ٻين ڪيترين ئي بيمارين ۾ زبردست اثر رکندڙ اينٽي بائيوٽڪ انجيڪشن آھي.
ايڪسيفر انجيڪشن 10 ايم ايل، 50 ايم ايل ۽ 100 ايم ايل جي پيڪنگ ۾ ويٽنري اسٽور تي دستياب آهي
وڌيڪ جانورن جي دوائن ۽ بيمارين جي معلومات جي لاءِ ڪنھن نزديڪ ماھر ويٽنري ڊاڪٽر سان رابطو ڪندا....